اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باجوڙ ڌماڪي ۾ ٿيندڙ قيمتي جانين جي نقصان تي خيبرپختونخواهه جي گورنر سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر باجوڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ??سا?? جو مذهب اهڙي ناپاڪ ڪاررواين، دهشتگرد حملن جي اجازت نه ڏيڻ، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته سڄي ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو لازم?? آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. صدر ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو، زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪ??ي.