اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري ??کندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري ??ڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ??يان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي واعدن کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته وزيراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري ??ها لائق تحسين ۽ قابل تعري?? آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي مدد ڪري ??هيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتد??ري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪر گذار آهي. وزيراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري ان??از ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري ??کندي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسان کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري ??ڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ ترين ان?? پيدا ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام جي جذبي طور هو ان??ن جو تحفو موڪلي رهيو آهي. وزيراظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي و??ري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سان آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. وزيراعظم ٻنهي ڌرين کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.