اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پيرس ۾ فرانس جي ص??ر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪري ر??يو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي فرانس ۾ آهي. هو عالمي مالياتي اداري ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ ۽ قرض بابت حل جي لاءِ پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميلا سيرل راما فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي ص??ر ارسلا وان ڊير لي ي??ن سميت شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.