اسلام آباد – 12 – جون (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ?? شرڪت ڪرڻ تي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ??رپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنج?? پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني م??ذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اسپيشل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي م??ڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.