اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصاد?? سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي جڏهن ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي ??هچي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 سيڪڙو مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي ??ءِ جي حڪومت جي شروعاتي ??ن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻيٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو جي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي ??ءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جي??ا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي ??ءِ جي دور ۾ ٻه سيڪڙو جي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جي??و 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو تي ??هچي ويو، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جي??ا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو جي سطح تي ??هچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جي??ا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻيٽو 55.7 ارب ڊالر هو جي??و 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي ويو، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جي??و 2022ع ۾ 19 سيڪڙو تائين پهچي ويو. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.4 ارب ڊالر هو جي??و مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جي??و 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي ويو، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊالر هو جي??و 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي ويو.