اسلام آباد – 08 جو?? (اي پي پي) مجموعي ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب ??وپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 ملين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 ملين ڊالر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب ??وپيا جڏهن ت?? پرڏيهي قرض 24171 ارب ??وپيا 85.2 ارب ڊالر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ ۽ قرضن جي ادائيگين ??اء?? حڪومت ڊگهي مدي واري ملڪي قرضن ت?? ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب ??وپين جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب ??وپين جي ادائيگي ڪئي. جو??اء?? 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي ??حت 1166 ملين ڊالر وصول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 ملين ڊالر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 ملين ڊالرن جو قرض به ري فنانس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب ??رفان به 3 ارب ڊالر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ ??اء?? استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب ??رفان 900 ملين ڊالر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 ملين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 ملين ڊالر بئنڪن ۽ 1000 ملين ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.