ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصو??ي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت?? ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گ??ري?? هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازش?? کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي شرپسندن عمران خان جي اتساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ان جي ذميوار?? کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿي ته هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وفاق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انهن جي اڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيون جيڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي امن لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وفاق جي اتحادي حڪومت گ??ري?? هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل مشاورت ۽ ٻڌي سان ا?? کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل مختلف هجي ها، گڏيل مشاورت ۽ اتحاد سان گ??ري?? سال جي بدترين ٻوڏ، مهانگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مسئلن ۽ چئلينج?? کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، ملڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي 9 مئي جي المناڪ ترين واقعن تي ان جي پڄاڻي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت?? ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گ??ري?? هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازش?? کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي عظيم شهيدن ۽ غازين جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي عمران نيازي جي اتساهڻ تي انهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي شهيدن جي وارثن جون اکيون آليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وطن جي خاطر پنهنجون جانيون ڏئي قوم جي ٻار?? کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي سياسي افراتفري جي ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر متاثر ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري تي لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن جڏهن ته اسان حوصلو نه هارينداسين، مهانگائي سميت انهن بحرانن ۽ چئلينج?? کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصو??ي کي سردخاني جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي وئي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي وزيراعظم پاران ان منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ويهاري ان منصو??ي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني تي ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي رکندڙ اهو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي ڳالهه نه ڪئي، قائداعظم جي گهر تي حملو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪي – فور منصو??ي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سببن جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين جڏهن اين ايل سي جو ڊي جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوبي جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمي?? کي هدايت ڪئي ته هو تسلسل سان ان منصوبي جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي ماڻه?? کي پيئڻ جو صاف پاڻي انهن جو حق آهي، هتي پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انه?? کي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي، ان منصو??ي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي خاص معاون طارق باجوه کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي – فائيو جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ ڪراچي جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي ته ا?? کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي حملي جي ذميوار?? کي سزائون جائز آهن ته 9 مئي جي واقعن تي جيڪڏهن ذميوار?? کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ته ان تي ڪنه?? کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.