اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهيني ڀارت ويندو، افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مش?? عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي ورتيون آهن، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو، سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيه?? وزارت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيه?? وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم سان پراڻي وابستگي کي نظر ۾ رکندي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري گوا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، پرڏيه?? وزير پنهنجي ڀارتي هم منصب ۽ ايس سي او پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي او سي ايف ايم اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل سان پاڪستان جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. موسمياتي تبديلي واري وفاق?? وزير شيري رحمان ماحولياتي تحفظ بابت وزارتن جي سربراهن جي چوٿين ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي ن??ائندگي ڪئي. هي اجلاس 18 اپريل تي نئين دهلي ۾ آن لائين فارميٽ ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي لاءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او جي ماهرن جي اجلاس ۾ عملي طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته اڄ محمد ادريس محسود ميمبر ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن، هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي لاءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او اجلاس ۾ عملي طور شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مش?? عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي ورتيون آهن، اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيه?? وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مش??ز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشيري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي، هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سري نگر جي جامع مسجد ۾ جمعي ن??از جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ن??ري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪن ٿيون، اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيه?? وزارت جي اولين ترجيح آهي، اسان سوڊان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ اتي پاڪستاني ڪميونٽي جي حفاظت ۽ سلامتي تي گهري نظر رکي آهي. ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو اسان جي ڪميونٽي سان ويجهي ۽ مسلسل رابطي ?? آهي ۽ هو انهن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيه?? وزارت جي اولين ترجيح آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزارتي اجلاس ۾ مملڪت?? وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال تي روشني وڌي ۽ افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان ۾ وڌيڪ سياسي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي مقصد طرف اڳڀرائي تي پڻ زور ڏنو. مملڪت?? وزير خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت ۽ اتي امن ۽ استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جي مفاد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته مملڪت?? وزير افغانستان تي چار ڌريي گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چين، ايران، پاڪستان ۽ روس شامل آهن.