اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت ۾ شامل پا??ٽين جي قائدين کي جدا جدا ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيد جي مبارڪباد ڏني. پي ايم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم پي ڊي ايم جي س??براهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي، بختار ۽ آصفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بي اين پي جي س??براهه سردار اختر مينگل، (ق) ليگ جي س??براهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم جي س??براهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پختونخواهه ملي عوامي پا??ٽي جي س??براهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پا??ٽي جي س??براهه آفتاب احمد خان شيرپائو، جمعيت الحديث جي س??براهه پروفيسر ساجد مير ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي س??براهه شاهه اويس نوراني کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف چئين گو??نرز کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني.