اسلام آباد – 07 – ما??چ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽ??ي اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو ادا??ي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽ??ي اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽ??ي اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس ??ڪو??تي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽ??ين?? گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.