اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان ۾ پاڪستان جي نا??زد سفير نعمان بشير ڀٽي سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ وا??ار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي و????ار جي صلاحيت موجوده سطح کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي شعبن ۾ وا??ار جي صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سان پائيدار ۽ بامعنيٰ لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وچ ايشيائي ملڪن سان رابطا وڌائڻ پاڪستان جي خطي پاران پاليسي جو اهم حصو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي قازقستان سان عوامي لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ جوائنٽ ڊگريون ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي و??چوئل يونيورسٽي آن ل??ئي?? تعليم جي سهولت فراهم ڪري ٿي. قازقستان جا شاگرد ورچوئل يونيورسٽي جي آن ل??ئي?? تعليم جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. 8 هزار جي لڳ ڀڳ غيرملڪي شاگرد يونيورسٽي جي و??چوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي رهيا آهن. صدر چيو ته نا??زد سفير ٻوڏ دوران پاڪستان جي امداد تي قازقستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿو??ا مڃي ٿو. نا??زد سفير ڀارت جي مسلمانن ۽ اقليت مخالف پاليسين تي به آواز اُٿاري. صدر نا??زد سفير کي چيو ته هو ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪري.