اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ عالمي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ رانديگرن جي هر سطح تي ڀرپور حوصلا افزائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ان حوالي سان عالمي حصيدارن سان رابطو وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فٽبال فيڊريسن جي لاءِ فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي کي ملڪ ۾ فٽبال جي معاملن بابت مسئلن جي حل لاءِ پنهنج??ن ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. ??در اهڙن خيالن جو ا??ها?? ايوان ??در ۾ پاڪستان جي مردن ۽ عورتن جي قومي فٽبال ٽيمن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جو چيئرمين هارون احمد ملڪ ۽ ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. ??در رانديگرن جي آجيان ڪندي چي?? ته پاڪستان ۾ فٽبال ڪافي مقبول آهي ۽ ملڪ ۾ ان راند جا لکين شائقين آهن، فٽبال کي ضلعي ۽ ڪلب جي سطح تي فروغ ڏنو وڃي. هن رانديگرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجو ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ ۽ تشخص کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن ڇو ته اهي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا سفير آهن. هن وڌيڪ چي?? ته کيس رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي علائقائي ۽ عالمي مقابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندا. ??در ان ڳالهه تي افسوس جو ا??ها?? ڪيو ته پاڪستان فٽبال فيڊريسن (پي ايف ايف) جي اندروني سياست ان جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي مدد سان پي ايف ايف جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري ايندي. فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون احمد ملڪ ??در کي بريفنگ ڏني ته پاڪستان ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو فٽبال کيڏن ٿا، فيڊريسن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ج??ن ڪوشش??ن ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته عورتن جي قومي ٽيم 8 سالن کانپوءِ ۽ مردن جي قومي ٽيم 4 سالن کانپوءِ پنهنجو پهريون عالمي مئچ کيڏيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته هيستائين ملڪ جي 163 ضلعن مان اٽڪل 4600 ڪلب رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ دستاويز ۽ فزيڪل اسڪروٽني جو عمل مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ت?? مردن جي ٽيم 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته عورتن جي قومي ٽيم هن سال پيرس 2024ع جي اولمپڪس ڪواليفائرز ۾ کيڏندي.