اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي ٻار جي صحت جي فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبابندي جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبابندي بابت ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبابندي ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي بنيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوبابندي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب پوري ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ج?? ضرورت آهي. ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبابندي ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪندي چيو ته آبادي فنڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ته آبادي فنڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوبابندي جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ?? پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو آبادي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.