اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي نيشنل پريئر ب??يڪ فاسٽ منعقد ڪندڙ اداري پاڪستان ج?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وزير طور تس??يم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي نيشنل پريئر ب??يڪ فاسٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هُئي جٿي هُن اهم مقرر جي حيثيت سان خطاب ڪيو، ناشتي ۾ آمريڪا ۽ سڄي دنيا مان 1400 کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب جو اهتمام ڪندڙ فائونڊيشن پرڏيهي وزير کي هڪ نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وزير طور تس??يم ڪيو. نيشنل پريئر ب??يڪ فاسٽ هڪ اعليٰ سطحي ايونٽ آهي، جيڪو 1953ع کان هر سال منعقد ٿئي ٿ?? جيڪو عقيدي ۽ جمهوريت جي اهميت تي اهم زور سان گڏ موجوده مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ آمريڪي ۽ عالمي اڳواڻن کي پليٽ فارم مهيا ڪري ٿ??. هن سال جي ايونٽ ۾ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻه پڻ شرڪت ڪئي.