اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ ڦر ۽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سز?? ماڻيندڙ قيدي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي شامير ولد احمد خان جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي. شامير کي بئنڪ ڦر د??ران گارڊ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ?? موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ا??يل رد ڪري ڇڏي.