ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??ير??ن ??ي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي جيڪو خميس ۽ جمعي تي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ??ير??ني عملدار پڻ موجود هئا.