اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ?? شرڪت جي لاء?? ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ثمرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪمپليڪس ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيئوف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ??لا??ات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري ?? وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد راجاپاروف سان پڻ ??لا??ات ڪندو. وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ?? شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ??لا??ات ڪندو.