اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ع??لمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪس??ان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيل?? جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪس??ان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪس??ان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلي?? جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪس??ان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪس??ان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برسات?? جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستا?? جي قدرتي ماحول جي تحفظ?? ٻيلن ۾ اضافي ۽ ع??لمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻيل?? جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪس??ان ۾ ٻيل?? جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪس??ان ۾ وڌ کان و?? ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.