ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائ??ي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي ??و حق کسي انهن جو استحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي ??نهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏي??داسين ۽ ڪشمير جي آزادي ??و آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏي??هن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.