ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان ??ي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيس??ائ??ن آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهند??سي??. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصان ??ان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان ??ڪومت قومي جذبي سان ??حالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃ??، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان ??ڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گهرن ??ائ??ن پهچائي وڃ??، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمين کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃ??. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيس??ائ??ن آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهند??سي??. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان ??والي سان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.