اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پا??ست??ن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي ??عب?? ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيو?? آهن. صدر چيو ته آئون ۽ پا??ست??ني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.