انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحي??ون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحي??ون ڪيو?? ويون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پ??وگرام جي فريم ورڪ تي صحي??ون ڪيو?? ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪستان جي مواصلات وار?? وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحي??ون ڪيو?? ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي وار?? وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي وار?? وزارت ۽ پاڪستان جي اقتصادي معاملن وار?? وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي وار?? وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحي??ون ڪيو?? ويون. پاڪستان پاران پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار وار?? وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ وار?? وزير معاهدن تي صحي??ون ڪيون.