اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بحري?? جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحري?? جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪس??ان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحري?? جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستاني?? جي سارسنڀال جي لا??ِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحري?? جي عوام جي لا??ِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحري?? جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحري?? جي پاڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحري?? جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لا??ِ منتظر آهي.