اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪ??شن?? ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪ??شن?? وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت ??اران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ??نو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو. وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ??يل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??نو ته ان حوالي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪ??شن?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.