اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آه??، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پاليسي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آه??. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آه??. شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اس??ريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آه??. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آه??. هن مارچ ۾ اس??ام آباد ۾ اس??امي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.