گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مف??د ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪان??مي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪان??مي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آه??، علائقائي رابط ۽ واپار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان ا??ان جي معيشت تي بهترين ا??ر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سموري فورسز ملڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪي??رائي ڀيرا سائبر حملا ڪي?? ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.