اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته حڪومت عوام لاءِ صحت، تعليم، سستي رهائش، سماجي تحفظ ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهو??تن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي. اها ڳالهه هن پنجا?? جي گورنر چوڌري سرور سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آبِ پاڪ اٿارٽي ۽ سڄي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.