اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ س??ود?? عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان س??ود?? عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ س??ود?? عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??ود?? قيادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبارڪباد ڏني، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي س??ود?? عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خ??اف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خ??اف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي مبارڪباد ڏني.