اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??ينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئ??. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻ??لهه ڪئ?? وئي، ??ينيٽ چيئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئ?? آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻ??لهه ٿي، ??عودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ چيئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.