اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي ??نه??جي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ ??نه??جي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروب??ري مهم جي پڄاڻي و??ري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن و??ري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي مقابلن ۽ ڪاروب??ري منصوبن جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک ??ان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن بهترين ڪاروب??ري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس ج??ري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت ??ان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.