اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته ڪوويڊ 19 سان پوري دنيا ۾ مهانگا??ي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، عالمي منڊي ۾ کاڌي جي تيل جي قيمت 100 سيڪڙو وڌي آهي، فرنس آئل سميت ٻين ش??ن جي عالمي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو، عالمي سطح تي مهانگا??ي جي ڪري هول سيل پرائس انڊيڪس ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان ۾ شامل سموريون ش??ون درآمدي آهن، عالمي سطح تي ٻن هفتن ۾ درآمدي شين ۾ گهٽتا??ي جا اثر جنوري ۽ فيبروري ۾ نظر ايندا، حڪومت پنهنجي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو پاڻ برداشت ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ناڻي واري وزارت جو ترجمان مزمل اسلم گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي سطح تي ڪورونا جي ڪري پوري دنيا ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪوويڊ 19 کانپوءِ هيستائين حالتون معمول تي ناهن آيون، پيٽروليم ۽ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي، کاڄرو تيل في ٽن قيمت 400 ڊالر کان وڌي 1300 ڊالر في ٽن تائين پهچي ويو، پاڪستان 70 سيڪڙو داليون درآمد ڪري ٿو ان لاءِ انهن جي قيمتن تي عالمي مهانگا??ي جو اثر پيو. هن ٻڌايو ته يورو زون ۾ مهانگائي 5 سيڪڙو، آمريڪا ۾ 6.2 سيڪڙو، ڪئناڊا ۾ 4.7 سيڪڙو، جرمني، فرانس ۽ برطانيا ۾ به مهانگائي ٿي، گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري جي تازي رپورٽ موجب دنيا ۾ مهانگا??ي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاق ۽ صوبن ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پيتروليم مصنوعات تي ٽيڪسز جي مد ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، هيستائين 400 ارب جا ٽيڪسز گهٽ گڏ ٿيا. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا ويا، انهي جي ڪري اڄ ملڪ ۾ کنڊ جي 60 رپين تائين في ڪلو قيمت گهٽ ٿي 86/90 رپين تائين پهچي وئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي ڪريشنگ آڪٽوبر ۾ شروع ٿي هئي، اتي جيڪا ڪريشنگ ٿي رهي هئي اها به روڪي وئي، سنڌ حڪومت ذخيره اندوزن کي ??حف?? ڏيڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، زرداري سنڌ شگر ملز جو سڀ کان وڏو بينيفشل آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي حوالي سان ڪارروائي ڪئي، سنڌ حڪومت ڇو خاموش آهي، سائين سرڪا?? آبادگارن سان دشمني بند ڪري. هن چيو ته يُوريا جي ذخيره اندوزي جي خلاف پنجاب حڪومت ڪارروائي ڪندي 345 ڪيس داخل ڪيا ۽ 244 ماڻهو گرفتار ڪيا، ان سان فرٽيلائيزر جي في ٻوري جي قيمت ۾ 400 رپيا گهٽ ٿي چڪا آهن. ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي مهانگا??ي جي ڪري ڊبليو پي آئي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گاسليٽ ۾ 77 سيڪڙو، اسٽيل بار ۾ 64 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 62 سيڪڙو، ويجيٽيبل گيهه ۾ 57 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان ۾ سموريون درآمدي شيون شامل آهن. هن ٻڌايو تهک اڌي پيتي جي شين ۾ ڳوٺن ۾ مهانگائي 5.50 سيڪڙو جڏهن ته شهرن ۾ مهانگائي 2 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته عالمي منڊي ۾ کاڄرو تيل جي قيمت 100 سيڪڙو وڌي آهي، فرنس آئل سميت ٻين ش??ن جي عالمي قيمتن ۾ پن اضافو ٿيو. ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته حڪومتي قدمن سان بصر، ٽماٽي، کنڊ، اٽي ۽ دال جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، بصر 37 سيڪڙو، دال مُڱ 27 سيڪڙو ۽ پٽاٽي جي قيمت ۾ 17.66 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پيٽروليم مصنوعات جي عالمي قيمتن ۾ گذريل جمعي کان گهٽتا??ي جو رجحان آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي ترتيبوار گهٽ ٿيندي، چانور جي قيمت پورو سال مستحڪم رهي. هن چيو ته مني بجيٽ جا اثر عام ماڻهو تي نه پوندا، پاڪستان ۾ معيشت بهتري جي سفر تي گامزن آهي. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت 40 سيڪڙو وڌي ۽ کپت ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.