اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيش?? ٽيڪنالاجي زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيش?? ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي ??نه?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيش?? ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيش?? ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيو?? وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيش?? ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.