اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آه?? جيڪا عوام کي صحت ڪارڊ تائين نه ڏئي سگهي. بلاول ڀ??و زرداري جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آه?? جيڪا نه عوام کي صحت ڪارڊ نه ڏئي سگهي ۽ نه ئي راشن سپورٽ پروگرام ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آه??. فرخ حبيب چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون عوام کي صحت ڪارڊ ڏئي رهيون آه?? ان کانسواءِ راشن سپورٽ پروگرام ۾ پڻ 65 سيڪڙو حصو وجهي رهيون آه??.