اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پوري قوم ڏکويل آهي، پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون آهن، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.