اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت مشير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان چونڊ سڌارن جي عمل تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن جي مطالبي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل پارلياماني ??ميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ??و ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (ا?? وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اڳيان ??ڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت 2023ع جي اليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ ا?? وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سڀ کان ??هريان ?? پ جي دؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ عام چونڊون عمران خان ??ا تحريڪ انصاف نه ڪرائيندي ان ??اءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا عام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چيو ته هو ا?? وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ووٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان ??رڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي حق کان ??حروم رکيو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون زباني ??الهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان انڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذر?? ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ته اسان ان ??عاملي تي اڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته ا?? وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي اليڪشن جي موقعي تي قتل ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو عام چونڊن ۾ ا?? وي ايم ذريعي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪيو. هن چيو ته هتي روايت اها رهي آهي ته ماڻهو هتي پنهنجي ۽ رشتيدارن جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني ??ي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. بابر اعواڻ چيو ته حڪومت ان ??اءِ تيار آهي ته اسان ??ومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوانن جي گڏيل پارلياماني ??ميٽي ٺاهڻ جي تحريڪ پيش ڪريون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌارن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس بابت حوالو ڏيندي چيو ته هو هڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آهي ته ا?? وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. بابر اعواڻ چيو ته چونڊ عمل ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، اسان ??رڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ??نهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو ا?? وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اسان جون تجويزون آيون آهن، اسان اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ان قانون کي نٿو مڃان، قوم سان ??اعدو آهي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ترقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان ??اڪ اليڪشن جو تصور به آڻينداسين.