اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪ??تا?? جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ڪوبه سيڪيورٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اسان جي سيڪيورٽي ادارن فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪ??تا?? جي سمورن سيڪيورٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم جي سيڪيورٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪ??تا?? ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
ج??هن ته پاڪ??تا?? جي سيڪيورٽي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيورٽي ٽيم به پاڪ??تا?? آئي هئي جنهن پاڪ??تا?? جي سيڪيورٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪ??تا?? خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪ??تا??ي قوم قومي سلامتيء?? جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وزير چيو ته پاڪ??تا?? طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وزير چيو ته اهڙي موقعي تي ج??هن پاڪ??تا?? دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وزير چيو ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪ??تا?? کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪ??هن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪ??تا?? جو ا??يج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪ??تا?? ناهي آيو ۽ پاڪ??تا?? ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.