اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ کي نيب جي سامهون پيش ڪ??ڻ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟ جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪ??ي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چ??و ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان داستان لکيا آهن. مملڪتي و??ير چ??و ته وزيراعظم عمران خان سدائين آئين جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانون جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ کي احتساب لاءِ عدالتن جي سامهون پيش ڪيو. هن چ??و ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت جي سامهون رکي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ امين قرار ڏنو. فرخ حبيب چ??و ته ن ليگ صرف پنهنجي ڪ??پشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي آهي، ن ليگ جي دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم هئي، مملڪتي و??ير چ??و ته جيڪو جيتري ڪ??پشن ڪندو هو ان کي ايترو ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ مافيا سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مملڪتي و??ير فرخ حبيب وڌيڪ چ??و ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.