اسلام آباد – 25 ??ون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت ??اڪستان ??ون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 ??ون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپار کي روڪڻ لاءِ پن??ن??ون گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪومت ??اڪستان جي اولين ترجيح آهن.