اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسنگ م??صوبي تحت معاشري جي ڪمزور خاص طور تي گهٽ پگهادار طبقي جي لاءِ ڇت جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳوڻين حڪومتن جي ابتڙ موجوده حڪومت پنهنجي منشور تحت گهٽ آمدني واري طبقي کي 50 لک گهرن جي فراهمي جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ ٺوس عزم جو اظهار ڪندي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي کي ذميواري ڏني جنهن ??ڪومتي هدفن موجب مختلف اسڪيمون شروع ڪيون. اٿارٽي نجي زمين تي گڏيل منصوبن ۽ سر??ار?? زمين تي حڪومتي پروگرامن تحت انهن ??سڪيمن تي عمل ڪري رهي آهي. مختلف چئلينجن جيباوجود پي ٽي آءِ جي حڪومت پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي فلاحي ملڪ بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت مستحق ماڻهن جي لاءِ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير جي ڪوشش ڪري رهي آهي.