اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاسو مل ٽي ليماڻي جي سربراهي ۾ ??ار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳ??ڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين ??حد??د ٿي ويو آهي ۽ معياري ٻج ۽ جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ?? متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا ??هن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ۽ جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.