اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻارن جي نامڪمل واڌويجهه (اسٽنٽنگ) تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وفاق ان حوالي سان پنهنجو ڀر??ور ڪردار ادا ڪندو. اسٽنٽنگ کي روڪڻ لاءِ جامع روڊ ميپ جوڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي پيش ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهن??ي صدارت هيٺ پاڪستان نيشنل نيوٽريشن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي پهرين اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.