اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪس??ان سدائين افغانس??ان کي سهولتون پهچائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغانس??ان جي حوالي سان تازن معاهدن ۾ پاڪس??ان جو اهم ڪردار شامل آهي، پاڪس??ان افغانس??ان سميت سمورين سرحدن تي عالمي اصولن موجب ۽ مانيٽرنگ جو موثر نظام يقيني بڻائي رهيو آهي، ڪجهه شرپسند عنصرن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن افغانس??ان سرحد بند هجڻ سبب رهجي ويل ماڻهن کي اتساهيو جن چمن سرحد جي داخلي پوائنٽ تي داخل ٿيڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي، ان ڇڪتاڻ تي افغان حڪومت سان به مقامي انتظاميا رابطو ڪيو ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته ڪوورنا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪيون، اهڙي طرح پاڪس??ان ب?? افغانس??ان سميت ٻين ملڪن سان پنهنجون سرحدون بند ڪيون جيئن ت?? افغانس??ان جو واپار جي لاءِ ڪو سامونڊي رستو ??ه آهي ان لاءِ افغان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ افغانس??ان تي طورخم سرحد کي غلام خان سرحد ۽ ان??وراڊه سرحد کي شين جي پهچ لاءِ کوليو ويو ۽ بعد ۾ عيد کان اڳ ٻيهر سرحد کي بند ڪيو ويو. روزانو پنهنجي سرحدي جاين ??ان اڍائي کان ٽي هزار ماڻهن جي اچ وڃ هئي، سرحدون بند هجڻ سان اڪثريت افغاني واپس هليا ويا هئا پر ڪجه?? افغاني واپس نه وڃي سگهيا. چمن سرحد ويجهو واپار ۽ اسمگلنگ بند هجڻ سبب متاثر ٿيندڙ شرپسند عنصرن ۽ اسمگلرن اتي انهن ماڻهن کي اتساهيو ۽ چمن سرحد پار ڪرڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي. ان ڇڪتاڻ ۾ افغانس??ان پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان پاڪس??ان جي سرحدي چوڪين کي نقصان پهتو جنهن تي اسان پاران پڻ جواب ڏنو ويو.