اسلام آباد-10 جنوري(اي پي پي)موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.پا??ست??ن ڪوپ – 29 ۾ موسمياتي ڳالهين جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو، پا??ست??ن اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن جي مفاد ۾ توازن پيدا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نسٽ يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن جو شمار موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. گرمي پد 1.5 تائين محدود ڪرڻ واري پيرس معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته پا??ست??ن 09 سالن جي مذاڪراتي عمل کان پوءِ آرٽيڪل 06 تي اتفاق لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي آئڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2025ع ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن لاءِ 730 ملين ڊالرز کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته پا??ست??ن ۾ 2022 ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي، ٻوڏ دوران عورتون سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ٿيون، هن چيو ته قدرتي آفتن دوران نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي. نوجوان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ کي نظر ۾ رکندي صنعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پا??ست??ن جو ڪردار اعتماد جوڳو رهيو. پا??ست??ن ڪوپ – 29 ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. ڪوپ – 29 ۾ پا??ست??ن موسمياتي تبديلي جي متاثر ملڪن جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پا??ست??ن نه رڳو پنهنجي جنگ وڙهي پر سمورن متاثر ملڪن جي نمائندگي ڪئي.