استنبول – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل د??تاويزي فلمن جي تياري ۽ گڏيل نشريات جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه هن ترڪيه جي قومي ٽي وي چينل ”ٽي آر ٽي ورلڊ“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل براڊ ڪاسٽ عمر فاروق تنيويردي سا?? ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ميڊيا تعاون، گڏيل د??تاويزي فلمن جي تياري ۽ سياحت جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ترڪيه سا?? ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ترڪيه ??ي حڪومت سا?? ڊرامن، دستاويزي فلمن جي گڏيل پروڊڪشن ??ي حوالي سا?? معاهدا اسان جي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو حصو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. سمر اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جو جيولين ٿرو جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستاني نوجوان ارشد نديم جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي هڪ تمام گهڻي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. اسان اهڙن نوجوانن تي دستاويزي فلمون تيار ڪري سگهون ٿا. پاڪستان ۾ شندور پولو فيسٽيول ??ي حوالي سا?? ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شندور پولو فيسٽيول نه رڳو سياحت ۽ ثقافت پر راندين جي فروغ جو پڻ سبب آهي. هن چيو ته شندور پولو فيسٽيول دنيا جي بلند ترين مقام تي کيڏي ويندڙ پولو مئچ آهي. پي ٽي وي ورلڊ سا?? گڏج?? شندور پولو فيسٽيول تي دستاويزي فلم پوري دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي گڏيل نشريات جي پڻ تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهبي قدر موجود آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي کي اجاگر ڪرڻ ??ي حوالي سا?? اطلاعات واري وفاقي وزير ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن تي ڊيجيٽل د??تاويزي فلمن جي تياري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽي آر ٽي ورلڊ جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو.