اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۽ معصوم پاڪستانين کي غيرقانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي ه??ايت ڪندي گذريل هڪ سال ۾ سڄي دنيا ۾ اهڙن سمورن واقعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي ۾ ملوث عملدارن جي خلاف به ڪارروائي جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. 2023ع ۾ يونان جي انهي ع??ائ??ي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ 262 پاڪستاني فوت ٿي ويا هئا. وزيراعظم 2023ع ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جي حادثي کانپوءِ اهڙن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۽ معصوم ماڻهن کي غيرقانوني طريقن سان ٻاهرئين ملڪ پهچائڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان سستي ۾ شامل آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لا??ِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان کي روڪڻ جي لا??ِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. سستي واري رويي جي ڪري ورتل قدمن جي ڪري اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر پيش اچڻ اسان جي لا??ِ فڪر جو لمحو آهي. وزيراعظم آءِ بي ايم ايس نظام کي فوري لاڳو ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين 174 ڪيسز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان چئن کي سزا ٿي. وزيراعظم ان ڪڌي فعل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان حوالي سان عوامي آگاهي جي لا??ِ هلايل مهم جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيراعظم ايف آءِ اي ۽ پرڏيهي وزارت کي گذريل سال ٿيندڙ اهڙن سمورن واقعن جن ۾ پاڪستاني شامل هئا جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ عالمي ادارن سان تعاون وڌايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.