لاهور – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مح??د عاصم کچي چيو آهي ته م??از??ن جي ڀلائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اي پي پي لاهور بيورو ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته م??از??ن جي ڀلائي سندس اولين ترجيح آهي ۽ هو م??از??ن سان لاڳاپيل معاملن جي لاءِ اوپن ڊور پاليسي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته اي پي پي جا م??از?? اداري جو اثاثو آهن، هن م??از??ن تي زور ڀريو ته اهي اداري جي ترقي لاءِ محنت ڪن.
ايم ڊي مح??د عاصم کچي وڌيڪ چيو ته اي پي پي ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ضروري آهي. م??از??ن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته م??از??ن جي ميڊيڪل بلز کي ترجيحي بنيادن تي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورين اي پي پي اسٽيشنز تي ضروري سامان ۽ شي??ن فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون پيون وڃن. اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي چيئرمين ۽ اردو نيوز سروس جي انچارج ۽ چيف رپورٽر مح??د عبدالله مئنيجنگ ڊائريڪٽر مح??د عاصم کچي جي قيادت تي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اداري جي سربراهه جي طور تي م??از??ن جا مسئلا حل ڪرڻ تي ايم ڊي مح??د عاصم کچي جا ٿورا مڃيا ۽ اردو نيوز سروس لاهور بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي نيوز روم، وڊيو نيوز سروس ۽ رپورٽنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي صدر راڻا عبدالرحمان قومي خابرو ايجنسي جي م??از??ن پاران ايم ڊي مح??د عاصم کچي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته م??از?? سندس اميدن تي پورو لهندا. هن م??از??ن جا مسئلا تيزي سان حل ڪرڻ تي ايم ڊي مح??د عاصم کچي جا ٿورا پڻ ادا ڪيا.