اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پارليام??ني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دؤري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پارليام??ني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو مقصد پاڪ- روس ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پارليام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي دؤري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به غو?? ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پارليام??ني سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپيڪر جي سربراهي ۾ پارليام??ني وفد جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفد جي دؤري سان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي. پاڪست??ني وفد روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پارليام??ني وفد جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي سطح تي انتهائي اهميت جي حامل سمجهيا وڃن ٿا.