اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارج جي افغانستان مان پا??ستان ۾ داخل ٿيڻ جي ??وشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽن خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري ملڪ جي سرحدن ??ي حفاظت تي مقرر پا?? فوج جا آفيسر ۽ جوان ساراهه جي لائق آهن.