اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد جو هئڻ تمام اهم آهي، چاهيون ٿا ته ٽڪ ??اڪ پليٽ ف??رم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيا?? موجب مملڪتي وزير ٽڪ ??اڪ جي وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ٽڪ ??اڪ وفد جي قيادت ڊائريڪٽر پبلڪ پاليسي ايمرگيلن ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي معياري مواد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ا?? موقعي تي آءِ ٽي جو سيڪريٽري ضرار هاشم خان به موجود هو. وفد مملڪتي وزير کي ٽڪ ??اڪ جي پاڪستان ۾ قدمن ۽ مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ بريف ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٽڪ ??اڪ جا تمام گهڻا صارفين آهن، اهو تمام ضروري آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد ميسر هجي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ٽڪ ??اڪ پليٽ ف??رم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي، ان ذريعي مختلف قسمن جا اسڪلز ۽ لوڪل ٻولين ۾ بنيادي تعليم ڏئي سگهجي ٿي، انهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي وزارت ٽاڪ ٽاڪ کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي. ٽڪ ??اڪ جي وفد مملڪتي وزير کي خاطري ڪرائي ته ٽڪ ??اڪ تي وڌ کان وڌ معياري ۽ فائديمند مواد کي يقيني بڻايو ويندو. وفد چيو ته ٽڪ ??اڪ وزارت آءِ ٽي جي ذيلي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.