اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ايف بي آر ٽيڪس جي ملڪي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ادائيگين جو نئون سسٽم اي پيمنٽ 2.0 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ??يف بي آر جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٽيڪس ايڊمنسٽريشن کي بهتر بڻائيندي محصولن ۾ جديد ڊجيٽل حل ذريعي اضافو ڪري سگهجي، ادائيگين جو اهو نئون سسٽم آءِ آر اي ايس 2.0 پورٽل تي دستاب آهي، اهو جديد پليٽ فارم آهي جيڪو ??ڄي ملڪ جي ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ ادائيگي جي عمل کي آسان بڻائي ٿو. ڊائريڪٽر جنرل (آءِ ٽي ۽ ڊي ٽي) عائشه فاروق اسلام آباد ۾ پي آر اي ايل هيڊڪوارٽر ۾ اي پيمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪي??. ا??ف بي آر موجب اي سسٽم ذريعي صارفين کي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس مان انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايم ۽ موبائيل بئنڪنگ ذريعي محفوظ، موثر ۽ آسان آن لائن ادائيگي جي سهولت ميسر هوندي جنهن سان بئنڪ وڃڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي، روينيو مينيجمينٽ ۾ اي پيمنٽ 2.0 اهم اڳڀرائي آهي جيڪا انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جهڙي مختلف قسمن جي ٽيڪسن جو احاطو ڪري ٿي، ان کان پهرين ٽيڪس ڏيندڙن کي آءِ آر آءِ ايس 2.0 کان ٻاهر ڌار اي پيمنٽ سسٽم استعمال ڪرڻو پو??دو هو جنهن ۾ مختلف پورٽلز وچ ۾ مٽاسٽا شامل هوندي هئي، هاڻي اي پيمنٽ 2.0 ذريعي ايف بي آر هڪ متحد ۽ بهتر يوزر فرينڊلي انٽر فيس اهم فراهم ڪيو آهي جيڪو ??ءِ آر آءِ ايس 2.0 ۾ سڌي ريت دستياب آهي، هڪ منفرد پيمنٽ سلپ آءِ ڊي (پي ايس آءِ ڊي) جنريٽ ڪري اهو سسٽم ٻنهي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ فوري ۽ آسان ادائيگي جي سهولت فراهم ڪ??دو آهي، ادائيگي مڪمل ٿيڻ تي تصديق ٿيل ڪمپيوٽرائزڊ پيمنٽ رسيد (سي پي آر) اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي آءِ آر آءِ ايس 2.0 سسٽم ۾ مستقبل جي استعمال لاءِ آساني سان حال ڪري سگهجي ٿ??. ا??و سسٽم محفوظ ۽ درست ملٽي اسٽيپ ورڪ فلو ذريعي ٽيڪس ڏيندڙن کي پي ايس آءِ ڊي جنريٽ ڪرڻ، اي ڊي سي چئنلز ذريعي ادائيگي مڪمل ڪرڻ ۽ فوري طور تي ڪمپيوٽرائزڊ پيمنٽ رسيد وصول ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. شفافيت ۽ جوابدهي کي وڌائڻ لاءِ ان ۾ جامع پي ايس آءِ ڊي سرچ فيچر ۾ شامل آهي جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادائيگي جو رڪارڊ آساني سان حاصل ۽ تصديق ڪرڻ جي سهولت ملندي آهي، ان نوعيت جي آٽوميشن ۽ انگريشن جي ڪري غلطين ۽ دير جو خطرو گهٽجي وي??دو آهي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جو مرحلو واضح طور تي آسان ٿي وي??دو آهي جنهن ما?? اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته ايف بي آر ڪاروبار دوست ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي.